اسلام آباد – 06 – سيپٽمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ دفاع ۽ شهيدن جي ڏهاڙي تي ملڪ جي لاءِ جانين جا نذرانا پيش ڪندڙ هيروز کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته شهيد اسان جي مٿي جا موڙ آهن ۽ اسان انهن جي قربانين جا قرضي آهيون. اهڙن خيالن جو اظهار هن دفاع جي ڏهاڙي جي حوالي سان قومي يادگار شڪر پڙيان تي ٿيندڙ تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي اطلاعات ۽ نشريات وارو نگران وفاقي وزير م??تضيٰ سولنگي پڻ موجود هو. نگران وزيراعظم تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته ملڪ جي دفاع لاءِ پنهنجي جانين جا نذرانا پيش ڪندڙ شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪريان ٿو ۽ هتي دفاع ۽ شهيدن جي ڏهاڙي جي حوالي سان تقريب ۾ شرڪت جي لاءِ موجود آهيان ته اسان پنهنجي شهيدن کي وساريو نه آهي، اهي الله جي راهه ۾ پنهنجي جانين جا نذرانا پيش ڪن ٿا، شهيد اسان جي مٿي جا موڙ آهن، اسان شهيدن جي قربانين ۽ انهن جي خاندانن جا قرضي آهيون، اهو قرض ادا ڪرڻ ۾ جيڪو ننڍڙو نذرانو اسان پيش ڪريون ٿا اهو انهن جي ۽ انهن جي پيارن جي تڪريم آهي. هن چيو ته اهو ئي اهو جذبو آهي جنهن جو ذڪر عل??مه اقبال به پنهنجي شعرن جي ذريعي ڪيو. شهادت هڪ عظيم ر??بو آهي جنهن جو الله تعاليٰ وٽ تمام وڏو اجر آهي.
متعلقہ مضامین
-
PM Shehbaz leaves for Saudi Arabia today to boost investment
-
2 sentenced to death for killing woman of their family in Toba Tek Singh
-
Punjab Police launches ‘Mera Pyara’ app
-
Policeman martyred in Peshawar IED blast
-
Target killer Raees Mama returns to Karachi
-
One security personnel killed, 7 injured in Quetta blast
-
Karak police arrest three carjackers
-
President, PM strongly condemns Quetta attack
-
NA committee passes Pakistan Climate Change Bill, 2016
-
Endangered turtles mysteriously appear on Karachis coast
-
Electronic City Entertainment Official App - تفریح کی نئی دنیا
-
الیکٹرانک پی پی ایک قابل اعتماد تفریحی ایپ