اسلام آباد – 06 آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ناروي ۽ پاڪستان جي وچ ۾ اقتصادي ۽ ثقافتي لاڳاپا وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ناروي سيڙپڪاري، واپار ۽ ترقياتي تعاون لاء?? پاڪستان جو مضبوط حصيدار آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان ۾ ناروي جي عهدو ڇڏيندڙ سفير ڪيجل گنار ايرڪسن سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس هتي ملاقات ڪئي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته پاڪستان ۽ ناروي جي گڏيل مفاد لاءِ واپاري ۽ اقتصادي تعاون وڌائڻ جا ام??ان موجود آهن، ناروي سيڙپڪاري، واپار ۽ ترقياتي تعاون لاء?? پاڪستان جو مضبوط حصيدار آهي. هن چيو ته پاڪستان ۾ وڏي تعداد ۾ ناروي جي ڪمپنين جي موجودگي ٻنهي ملڪن جي وڌندڙ واپاري لاڳاپن جو چٽو ثبوت آهي. سکر ۾ سولر پلانٽ جي تعمير جي لاءِ نظام انرجي ۽ نارويجن اسڪيٽڪ سولر جي وچ ۾ سهڪار مثبت اڳڀرائي آهي. منصوبي سان ناروي جي سيڙپڪارن کي پاڪستان جو ڪاروبار دوست ماحول مان فائدو کڻڻ جي ترغيب ملندي. صدر ڀارتي غير قانوني والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ مسلمان آبادي جي خلاف ڀارتي ظلم تي به روشني وجهندي چيو ته عالمي برادري سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب ڪشميري عوام کي ان جو خودمختياري وارو حق ڏيڻ جي پنهنجي واعدي تي عملدرآمد ڪرائي. صدر لاهور ۾ تاريخي ورثي جي بحالي ۽ تحفظ تي ناروي جي حڪومت جو ٿورو ادا ڪيو. هن پاڪستان ۾ ناروي جي عهدو ڇڏيندڙ سفير ڪيجل گنار ايرڪسن کي پنهنجو مدو مڪمل ڪرڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ سمورن شعبن ۾ سرڪاري سطح تي نجي شعبي ۾ رابطا قائم ڪري خاص طور تي معيشت ۽ ثقافتي شعبن ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپن جي فروغ لاءِ سندس ڪوششن کي ساراهيو.
متعلقہ مضامین
-
PM Shehbaz leaves for Saudi Arabia today to boost investment
-
2 sentenced to death for killing woman of their family in Toba Tek Singh
-
Punjab Police launches ‘Mera Pyara’ app
-
Policeman martyred in Peshawar IED blast
-
Target killer Raees Mama returns to Karachi
-
One security personnel killed, 7 injured in Quetta blast
-
Karak police arrest three carjackers
-
President, PM strongly condemns Quetta attack
-
NA committee passes Pakistan Climate Change Bill, 2016
-
Endangered turtles mysteriously appear on Karachis coast
-
Electronic City Entertainment Official App - تفریح کی نئی دنیا
-
الیکٹرانک پی پی ایک قابل اعتماد تفریحی ایپ