اسلام آباد – 02 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته خوشحالي انصاف ۽ عدل جي نظام سان ئي ممڪن آهي، اهو ئي معاشرو ترقي ڪندو آهي جنهن ۾ قانون جي بالادستي هجي، امير ۽ طاقتور طبقو قانون جي پڪڙ کان آزاد رهيو ۽ ڪمزور طبقن جو قانون جي غلط استعمال ذريعي استحصال ڪيو ويندو رهيو، وڪيل تنظيمن جي جمهرويت جي فروغ ۽ استحڪام جي لاءِ ا??ٿڪ خدمتون آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن سپريم ڪورٽ بار ايسوسيئيشن جي ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جي وفد سان ملاقات ۾ ڪيو. وفد ۾ احمد شهزاد فاروق رانا، محمد اجمل خان، محمد ارشد باجوه چوڌري، قاضي عبدالحميد صديقي، شيرين عمران، محمد افصل جنجوعه، عارف محمود چوڌري، محمد ناصر اقبال صديقي، سيد محمد اسد عباس شاهه، عبدالمالڪ بلوچ، عبدالرزاق شر، فدا بهادر، ڄام آصف محمود لار، منير احمد خان، احمد زيرڪ، راجا عامر خان ۽ راجا اشفاق احمد شامل هئا. ان موقعي تي ملاقات ۾ وفاقي وزير چوڌري فواد احمد، ڊاڪٽر فروغ نسيم، خاص معاون ڊاڪٽر شهباز گل ۽ اٽارني جنرل خالد جاويد خان موجود هئا. وزيراعظم عمران خان چيو ته ماضي ۾ مفاد پرست عنصرن قانون جو غلط استعمال ڪيو، موجوده حڪومت سول ۽ فوجداري قانونن ۾ سڌارا آڻي رهي آهي ته جيئن عام ماڻهو کي ريليف ملي سگهي. وزيراعظم چيو ته قانوني سڌارن سان عدالتن تي ڪيسن جو بار گهٽ ٿي ويندو. وڪيل تنظيمون قانوني سڌا??ن جي ايجنڊا ۾ حڪومت جو ساٿ ڏين. هن چيو ته وڪيل برادري کي درپيش مسئلن کان آگاهه آهيون ۽ انهن جي حل لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪئي ويندي. وزيراعظم ان موقعي تي وڪيل ??ائ??سنگ ڪالوني ۾ درپيش رڪاوٽن کي فوري طور تي ختم ڪرڻ جي هدايت پڻ ڪئي ۽ وڪيلن کي صحت ڪارڊ جي فراهمي سان گڏوگڏ نئون پاڪستان ??ائ??سنگ پروگرام ?? شامل ڪرڻ جي هدايت پڻ ڪئي جڏهن ته اها به هدايت ڏني ته نوجوان وڪيلن کي ڪامياب پاڪستان پروگرام ?? شامل ڪيو وڃي. وزيراعظم قانون واري وزير کي هدايت ڪئي ته بار سان مسلسل رابطي کي يقيني بڻايو وڃي، ان سان گڏوگڏ بار جي گرانٽس بابت ايشوز کي پڻ ترجيحي بنيادن تي حل ڪيو وڃي.
متعلقہ مضامین
-
PM Shehbaz leaves for Saudi Arabia today to boost investment
-
2 sentenced to death for killing woman of their family in Toba Tek Singh
-
Punjab Police launches ‘Mera Pyara’ app
-
Policeman martyred in Peshawar IED blast
-
Target killer Raees Mama returns to Karachi
-
One security personnel killed, 7 injured in Quetta blast
-
Karak police arrest three carjackers
-
President, PM strongly condemns Quetta attack
-
NA committee passes Pakistan Climate Change Bill, 2016
-
Endangered turtles mysteriously appear on Karachis coast
-
Electronic City Entertainment Official App - تفریح کی نئی دنیا
-
الیکٹرانک پی پی ایک قابل اعتماد تفریحی ایپ