لاهور – 27 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته پاڪستان ۾ ميڊيا ۽ جمهوريت کي مڪمل ??زا??ي حاصل آهي، صحافت جي شعبي ۾ فيڪ نيوز پکيڙڻ تمام آسان ٿي ويو آهي، اظهار راءِ جي ??زا??ي جي آڙ ۾ ڪوڙيون خبرون پکيڙڻ جي اجازت نه ٿي ڏئي سگهجي، ميديا ۾ توازن رکڻ ضروري آهي، مسلم دنيا ۾ پاڪستان جو ڪو مقابل نه آهي، اسان پنهنجي صحافتي ??زا??ين جو تقابل ٿرڊ ورلڊ يا مسلم ورلڊ سان نه پر فرسٽ ورلڊ سان ڪريون ٿا، پاڪستان جڏهن ٺهيو ته دنيا جا مسلمان ان کي نشاط ثانيه جي طور تي ڏسي رهيا هئا، عورت ليڊرشپ پيدا ڪرڻ ۾ مسلمانن اهم ڪردار ادا ڪيو، مولانا محمد علي جوهر ۽ مولانا شوڪت علي صحافت جا روشن ستارا هئا، مولانا ظفر علي خ??ن مرحوم کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ جو بهترين طريقو اهو آهي ته اسان صحافت ڪريون ذميواري سان. اهڙن خيالن جو اظهار هن مولانا ظفر علي خ??ن مرحوم جي 65 هين ورسيءَ جي موقعي تي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته مولانا ظفر علي خ??ن مرحوم کي پاڪستان ۾ باباءِ صحافت چيو وڃي ٿو، هو تحريڪ پاڪستان جو اهم اڳواڻ هو. هن چيو ته اسان جي بزرگن تحريڪ پاڪستان جي لاءِ سرگرم ڪردار ادا ڪيو، 1946ع ۾ چوڌري اويس جهلم ضلعي ۾ آل انڊيا مسلم ليگ جو صدر رهيو، منهنجو چاچو چوڌري الطاف 1952ع ۾ اولهه پاڪستان اسيمبلي جو ميمبر رهيو، مختلف حيثيتن سان هن تحريڪ پاڪستان جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪيو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته 1870ع ۾ پهرين اخبار هيڪن گزٽ جي نالي سان ڪوڪلڪتا مان شايع ٿي، هندستان جي مختلف شهرن ۾ صحافت جو وڏو غلبو رهيو آهي، اتر انڊيا ۾ صحافت جو مرڪز لاهور هو، لاهور مان تمام وڏيون اخبارون شايع ٿيون. هن چيو ته 1903ع ۾ مولانا ظفر علي خان جي والد زميندار اخبار شروع ڪئي. واشنگٽن ۾ قائم اخبارن ۽ ميڊيا بابت ميوزيم جي طرز تي اسان کي لاهور ۾ به ميوزيم ٺاهڻ گهرجي، لاهور ۾ اردو بازار تا??يخي اهميت رکي ٿي، ڪتاب ۽ پرنٽنگ سان شرف رکندڙ ??ن مان فائدو کڻي سگهن ٿا.
متعلقہ مضامین
-
Feasibility study sought for underground metro train
-
Funding Emoji Entertainment ki Sarkari Web Site
-
NAB arrests former PEPCO MD over misuse of authority
-
PPP leader Raja Riaz joins PTI
-
LUMHS holds candlelight vigil for Quetta victims
-
Ex-CJP slams Mardan suicide attack
-
MW Electronics آفیشل ڈاؤن لوڈ
-
فٹونگ الیکٹرانک کریڈٹ بیٹنگ انٹری کی اہمیت اور طریقہ کار
-
Jiaduobao الیکٹرانک سرکاری گیم پلیٹ فارم ڈاؤن لوڈ کی مکمل گائیڈ
-
ایس بی او اسپورٹس ریلیبلٹی بیٹنگ ایپ: کھیلوں کی دنیا میں محفوظ اور قابل اعتماد شرط بندی
-
یو جی اسپورٹس ٹرسٹڈ انٹرٹینمنٹ گیٹ وے کا تعارف اور خدمات
-
امریکی بلیک جیک آفیشل گیم پلیٹ فارم ڈاؤن لوڈ